پلي حاجي

پلي، حاجي: حاجي پلي، پلي قبيلي جي ’سومريجا پاڙي‘ مان هو. هي بزرگ ڳوٺ سڀڙي تعلقي عمرڪوٽ جو رهاڪو هو. سندس ولادت 1733ع ڌاري ٿي. لوڪ ادب جي گهڻو ڪري سمورين صنفن تي سندس شاعري ڪيل آهي. سندس بيت طويل ۽ نڙ بيتن جي نموني تي چيل آهن، جن کي نَڙائي ڳائيندا آهن. حاجي پليءَ، 1813ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ سڀڙيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو